عبدالقادر منگي

عبدالقادر منگي

عبدالقادر منگي

عبدالقادر منگي: مشھور ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ عبدالقادر منگي، 26 نومبر 1947ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري شھر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهر جو نالو محمد بچل ۽ ڇٺيءَ جو نالو عبدالقادر هو ۽ والده جو نالو غلام فاطمه آهي. سندس پيءُ جو تعلق مديجي، تعلقي ڳڙهي ياسين سان هو. سندس والد سنڌي فائنل پاس ڪري پھرين استاد ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ تپيدار ٿيو ۽ رتيديري ۾ اچي رهيو، جتي عبدالقادر ڄائو. سندس والد سپروائيزنگ تپيدار طور 1959ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ اتي ئي 1962ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت عبدالقادر جي عمر 14- 15 سال هئي. ننڍپڻ ۾ سندس پالنا سندس مامي ديدار حسين منگي ڪئي. هن ذهين ٻار طور پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان (1965ع ۾ فرسٽ ڪلاس) ۽ انٽر سائنس جا امتحان گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان (1968ع ۾) پاس ڪيا. مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ/ ڪاليج پشاور ۾ داخل ٿيو، جتان 1970ع ۾ ڊپلوماB.Sc فاريسٽري پاس ڪري سنڌ ۾ اچي رئنج فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو. مئي 1975ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر طور کپري، گهاري، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي. 1988ع ۾ 18 گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪري، لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿيو. منگي صاحب علم ۽ ادب سان شغف، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان محبت سبب تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مشاهيرن تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرايا. گهاري ۾ پنھنجي ايامڪاريءَ دؤران ڀنڀور ۽ ديبل تي 1983ع ۾ سيمينار ڪرايا ۽ ان موقعي تي پڙهيل مقالن کي سھيڙي ڀنڀور ۽ ديبل جي نالي سان سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندائين. جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ بدلي ٿي آيو ته اتي به وتائي فقير تي سيمينار ڪرايائين ۽ ان تي به ڪتاب ڇپايائين. اهي ٻئي دستاويز سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. جنوري 1992ع ۾ ٿر مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾ بدلي ٿيس. ٿر ۽ ٿرين جي ڏکن ۽ ڏولاون کي هن پنھنجو درد سمجهيو ۽ ٿرين کي سھوليتن ۽ بھتر زندگيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ‘ٿر سيمنار’ ڪرايو. ان سيمينار جي رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪئي ۽ سرڪار کي سفارشون موڪليون. ان سال ئي ٿر ۾ ڪوئلي جي دريافت ٿي. هن ٿر جي بھتري ۽ ترقيءَ جو بنياد وڌو. ٿر ۾ سندس خدمتن عيوض کيس اوارڊ براءِ Services to Down Trodden people of Thar سگا پاران 1994ع ۾ مليو. منگي صاحب لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ به ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. منگي صاحب جي گهرواري خورشيد جوانيءَ ۾ ئي دل جي دوري پوڻ سبب مارچ 1991ع ۾ وفات ڪري وئي. کين ٽن ٻارن: صفيه قادر (1971ع)، ذڪيه قادر (1972ع) ۽ پٽ انيس جو اولاد ٿيو. خيرپور جي کرل فئمليءَ مان عزيز فاطمه کرل سان 1996ع ۾ ٻي شادي ڪئي. جنھن مان کيس ٻه پٽ محمد اريس خان ۽ علي حميص قادر ڄاوا. پاڻ 2001ع ۾ حيدرآباد جو آخري ڪمشنر رهيو. پرويز مشرف جي نئين نظام ۾ نوابشاهه ۽ سکر جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر رهيو. سندس آخري مقرري بطور سيڪريٽري ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر جي ٿي، جتان 25 نومبر 2007ع تي رٽائرڊ ٿيو. عبدالقادر منگي دوستن سان گڏجي ’ڌرتي نيوز چينل‘ جو بنياد 2008ع ۾ وڌو، پر پوءِ جلد ئي ان چينل کان الڳ ٿي ويو. 2009ع کان 2011ع تائين گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل به رهيو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ تقريباً هر موضوع تي ست هزار کن ڪتاب هوندا. سندس آتم ڪٿا ’جوئي آهيان سوئي آهيان‘ جي نالي سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان 2017ع ۾ ڇپي. 12 جون 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالقادر منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.26  عيسوي

عبدالقادر منگيءَ، 26 نومبر 1947ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري شهر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2022.06.12  عيسوي

عبدالقار منگي 12 جون 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اظهر سولنگي
قمر ڪوهستاني
عظميٰ گيلاني
پسند علي عاصي
اسحاق گڊو
زوار نقوي
صلاح الدين تنيو
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
انور بلوچ
جتوئي عابد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون